گهوٽڪي (رپورٽر) نيشنل هاءِ وي تي چنا پمپ وٽ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 34 پانڌيئڙا زخمي ٿي پيا، جن مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
حادثي جو شڪار ٿيل مسافر بس سيوهڻ کان پنجاب واپس وڃي رهي هئي. پوليس موجب، بس ۾ سوار سمورا پانڌيئڙا حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي حاضري ڀري واپس وڃي رهيا هئا.
حادثي ۾ زخمي ٿيل سمورن پانڌيئڙن کي گهوٽڪي تعلقه اسپتال سميت مختلف خانگي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.


