گمبٽ (رپورٽر) راڻيپور جي ڪچي آبادي ۾ چوري جي واردات دوران گهر ڀاتين هڪ مبينا چور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 2 ڄڻا چوري ٿيل سامان سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
گهر ڌڻين شفقت وساڻ ۽ ظفر علي وساڻ موجب، رات دير سان نامعلوم چور سندن گهر ۾ داخل ٿيا ۽ 2 تولا سون، روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. گهر ڀاتين جي سجاڳ ٿيڻ تي هڪ مبينا چور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيا 2 جوابدار فرار ٿي ويا.
متاثر خاندان ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايڇ او راڻيپور کان مطالبو ڪيو آهي ته فرار ٿيل جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي.
ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل ٻن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان هٿ ڪيو ويندو.


