Focus with Zardari

نوشهروفيروز: مورو ويجهو داد بئراج ۾ 3 ورهين جو نينگر ٻڏي ويو، 17 ڪلاڪن کان ڳولا جاري، انتظاميا نه پهتي

1 Min Read

نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) مورو ويجهو سڌوجا جي ڳوٺ حاجي قادر بخش جتوئي جو رهواسي 3 ورهين جو معصوم نينگر محمد يوسف جتوئي داد بئراج ۾ ڪري ٻڏي ويو، جنهن جي 17 ڪلاڪن کان وارثن ۽ مقامي ماڻهن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا جاري آهي، پر انتظاميا پاران مدد لاءِ ڪو به عملدار نه پهچڻ جون شڪايتون ڪيون ويون آهن.

وارثن موجب معصوم نينگر گهران نڪتو، پر واپس نه موٽيو، جنهن تي سندس ڳولا ڪئي وئي ته داد بئراج وٽ سندس چپل مليا، جنهن بعد شڪ ظاهر ڪيو ويو ته نينگر بئراج ۾ ڪري ٻڏي ويو آهي. وارثن ۽ مقامي ماڻهن پاران 17 ڪلاڪن کان مسلسل ڳولا باوجود نينگر جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته واقعي بابت انتظاميا کي اطلاع ڏيڻ باوجود نينگر جي ڳولا لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن ۽ نه ئي انتظاميا جو ڪو عملدار واقعي واري هنڌ پهتو آهي.

نينگر جي وارثن وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته داد بئراج جو پاڻيءَ جو وهڪرو روڪرائي معصوم نينگر جي ڳولا لاءِ ترت مدد فراهم ڪئي وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment