ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين مبينا غيرقانوني ڀرتين، 500 کان وڌيڪ عارضي ملازمن جي مقررين، مالي بي ضابطگين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو معاملو اينٽي ڪرپشن عدالت پهچي ويو آهي، جتي صوبائي وزير سعيد غني سميت 11 ڄڻن خلاف فوجداري شڪايت داخل ڪئي وئي آهي.
اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪراچي محمد امين الله صديقي جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جاچ آفيسر پاران رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت گهرڻ تي عدالت ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن کي هڪ مهيني اندر انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن کاتي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
شڪايت ۾ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري صالح سعيد جماڻي، ليبر کاتي جي سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڊي جي ليبر شيلا ڪاشف، بشير چاچڙ ۽ سنڌ بئنڪ شاهراهه فيصل جي برانچ مئنيجر بشير احمد سميت 11 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ پورهيتن ۽ سندن خاندانن جي تعليم، صحت، رهائش ۽ سماجي ڀلائي لاءِ مختص سرڪاري فنڊن جي استعمال جو ذميوار آهي، پر بورڊ ۾ ڀرتين جي ضابطن ۽ ميرٽ جي مبينا ڀڃڪڙي ڪئي وئي.
شڪايت ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين ڀرتين، 500 کان وڌيڪ عارضي ملازمن جي مقررين، ملازمن کي مستقل ڪرڻ ۽ هائوس پرچيز ايڊوانس ڏيڻ واري عمل ۾ مبينا بي ضابطگين جا الزام لڳايا ويا آهن. درخواستگذار الزام هنيو آهي ته بورڊ جي اختيارين، ليبر کاتي جي آفيسرن ۽ سنڌ بئنڪ جي هڪ عملدار وچ ۾ مبينا ملي ڀڳت ذريعي بي ضابطگيون ڪيون ويون.
درخواستگذار عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته سال 2021ع کان 2026ع تائين ٿيل ڀرتين جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري، شڪي مالي ڏيتي ليتي جي جاچ ۽ سرڪاري فنڊن جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڃي.
واضح رهي ته شڪايت ۾ لڳايل الزام اڃا ثابت نه ٿيا آهن ۽ معاملي جو حتمي نتيجو جاچ ۽ عدالتي ڪارروائي کانپوءِ سامهون ايندو.


