Focus with Zardari
اهم خبرون

گمبٽ: ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال جي مبينا قتل جو انڪشاف، لاش هٿ نه آيو

1 Min Read

گمبٽ: ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال جي مبينا قتل جو انڪشاف، لاش هٿ نه آيو

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ويجهو رپڙي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال جي مبينا قتل جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته عورت جو لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي. پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار جي پيءُ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته مک جوابدار فرار آهي.

ڀاڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ راضلائي ناريجا ۾ جوابدار چنيهه ناريجي تي الزام آهي ته هن ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي زال سهيلان ملاح کي ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش گم ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار ڪجهه سال اڳ احمدپور جي رهواسڻ سهيلان ملاح سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن مان کيس ٽن ٻارن جو اولاد آهي.

واقعي جي اطلاع تي مقتولا جي والد علي رضا ملاح احمدپور پوليس کي ڌيءَ جي مبينا قتل بابت آگاهه ڪيو، جنهن بعد پوليس جوابدار جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس پيءُ عبدالڪريم ناريجي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته مک جوابدار فرار ٿي ويو.

- Advertisement -

پوليس موجب، عورت جي والد جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، عورت جو لاش ڳولڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن۔

Share This Article
Leave a Comment