Focus with Zardari
اهم خبرون

ڪوٽ لالو ۾ شر ۽ راڄپر برادرين جي تڪرار جو نبيرو، 8 نومبر تي فتويٰ ٻڌائڻ جو اعلان

2 Min Read

  خيرپور ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) ڪوٽ لالو ڀرسان شر ۽ راڄپر برادرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار، جنهن دوران 5 ڄڻا مارجي چڪا آهن، ان جي نبيري لاءِ سيال هائوس لاڙڪاڻو ۾ معززين جي سرپئنچي هيٺ فيصلو ٿي گذريو. ڌرين جا موقف ٻڌڻ بعد 8 نومبر تي فتويٰ ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته اڳرائي ڪندڙ ڌر تي 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ وجهڻ جي ڳالهه پڻ سامهون آئي آهي.

رپورٽن موجب، مير عابد جتوئي، گل محمد جکراڻي ۽ ٻين معززين جي سرپئنچي هيٺ ٿيل فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين جا موقف ٻڌا ويا. ان موقعي تي ڌرين جا سوين ماڻهو پڻ موجود هئا. فيصلي دوران عبدالباري شر، ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر، شهباز راڄپر ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جا بيان ٻڌا ويا.

واضح رهي ته لڳ ڀڳ 9 مهينا اڳ ڪوٽ لالو ڀرسان شر برادريءَ سان واسطو رکندڙ مولا بخش شر، مجتبى شر ۽ عاقب شر رحيم يار خان پوليس جي مبينا جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويا هئا. ان واقعي کان لڳ ڀڳ 7 مهينا پوءِ ساڳئي ڳوٺ جو رهواسي رضوان شر پڻ رحيم يار خان پوليس جي هڪ ٻئي مبينا جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويو هو.

مقتولن جي وارثن پاران ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر ۽ سيٺ ممتاز عرف جاجو راڄپر تي الزام لڳايا ويا هئا. ٻئي طرف، 23 سيپٽمبر 2026ع تي هٿياربندن سيٺ ممتاز عرف جاجو راڄپر کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن واقعي ۾ سندس وارثن شر برادريءَ جي ڌر تي الزام هنيو هو.

- Advertisement -

تڪرار جي نبيري لاءِ معززين پاران ڪيل ڪوششن کانپوءِ سيال هائوس لاڙڪاڻو ۾ ٻنهي ڌرين کي ويهاريو ويو. هاڻي 8 نومبر تي ٻڌايو ويندڙ فيصلي تي ڌرين ۽ علائقي واسين جون نظرون لڳل آهن.

Share This Article
Leave a Comment