Focus with Zardari
اهم خبرون

ميرپور ساڪرو: قومي عوامي تحريڪ پاران جيجي زرينه بلوچ جي 21 هين ورسي ملهائي وئي

1 Min Read

ميرپور ساڪرو: (رپورٽ-جاويد پليجو) قومي عوامي تحريڪ تعلقي ساڪري پاران سنڌياڻي تحريڪ جي باني، استاد، اديب، اڳواڻ ۽ عظيم فنڪاره مادرِ سنڌ، جيجي زرينه بلوچ جي 21هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.

ورسي جي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ممتاز شيخ، قومي لائير فورم جي ٺٽو منور ڀٽو، غفور سومر، وسيم ڀڙج، علي محمد هولاڻي، غلام ڀڙج سميت قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ جيجي زرينه بلوچ جي سنڌ، سنڌي ٻولي، قومي تحريڪ ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جيجي زرينه بلوچ پنهنجي فن، فڪر ۽ جدوجهد ذريعي سنڌ جي قومي شعور کي جاڳائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس آواز سنڌ جي مظلوم ماڻهن، پورهيتن ۽ عورتن جي حقن لاءِ هميشه گونجندو رهندو.

- Advertisement -

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيجي زرينه بلوچ سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، جنهن جي جدوجهد، قربانين ۽ فني خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. سندس فڪر ۽ جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه رهندي.

Share This Article
Leave a Comment