يروشلم (ويب نيوز) اسرائيل ۾ اڄ عام چونڊون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چونڊن کان اڳ ايران تي نوان حملا ڪرائڻ لاءِ آمريڪا کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
رپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي فوج جي سربراهه ايال ضمير چونڊن کان اڳ ايران تي نون حملن جي مخالفت ڪئي. نيتن ياهو گذريل سڄو هفتو آمريڪا ۾ نون حملن لاءِ لابنگ ڪندو رهيو، پر آمريڪي اختيارين کيس اهو چئي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايران خلاف گڏيل آپريشن جلد ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، آمريڪا اهو فيصلو اسرائيلي فوج جي سربراهه جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ته ايران تي نئون حملو اسرائيل ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيل آمريڪا جي انڪار کي مجبوريءَ ۾ قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسرائيل کي خدشو آهي ته يمن ۾ سرگرم ايران جي حمايت يافته حوثي باغي جيڪڏهن پنهنجن ميزائلن جو رخ اسرائيل ڏانهن ڪن ٿا ته دفاع لاءِ کيس آمريڪا جي مدد جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.
اسرائيل ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ مقامي وقت موجب صبح 7 وڳي شروع ٿيندي ۽ رات 10 وڳي تائين جاري رهندي. اسرائيلي پارليامينٽ جي 120 سيٽن تي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به پارٽي يا اتحاد کي گهٽ ۾ گهٽ 61 سيٽن جي اڪثريت حاصل ڪرڻي پوندي.
سروي موجب وزيراعظم نيتن ياهو ۽ مخالف ڌر جي اتحاد وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. مخالف ڌر ۾ اڳوڻو فوجي سربراهه گادي آئزنڪوٽ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نفتالي بينيٽ اهم شخصيتون آهن.


