Focus with Zardari
اهم خبرون

خيرپور: شاديءَ ۾ فائرنگ سبب ٻار جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو جوابدار گرفتار

1 Min Read

خيرپور(شڪيل جانوري) ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ۾ شاديءَ جي تقريب دوران فائرنگ سبب ٻار عبدالحفيظ جي فوت ٿيڻ واري واقعي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار شاهنواز اجن کي گرفتار ڪري ورتو.

خيرپور پوليس جي ترجمان موجب، ايس ايس پي خيرپور ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي حڪمن تي ايس ايڇ او ٽنڊومستي ۽ سندس ٽيم ڳوٺ لعل ڏنو اجن ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو. جوابدار خلاف سرڪاري فرياد تي ٽنڊومستي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، واقعي ۾ عبدالحفيظ فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته نسيم علي زخمي ٿيو هو. ايس ايس پي خيرپور ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي شاباس ڏني.

Share This Article
Leave a Comment