Focus with Zardari
اهم خبرون

شڪارپور: عدالتي احاطي مان قيدي فرار، غفلت تي 2 پوليس اهلڪار ڪوارٽر گهاٽ

1 Min Read

شڪارپور(عتيق ڌڪڙ) شڪارپور جي عدالت مان ڊسٽرڪٽ جيل جو قيدي پوليس اهلڪارن جي حراست مان فرار ٿي ويو، جنهن بعد غفلت جي الزام هيٺ ٻن پوليس اهلڪارن کي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو آهي.

فرار ٿيل قيدي جي سڃاڻپ احمد علي پٽ خادم چانڊيو طور ٿي آهي. واقعي کانپوءِ پوليس اهلڪارن عاشق ڀٽو ۽ نادر شاهه کي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو.

فرار ٿيل قيدي احمد علي چانڊيو تي الزام آهي ته هن پئسا نه ڏيڻ تان ميان صاحب ۾ پنهنجي ڀاڄائي سکان چانڊيو مٿان پيٽرول هاري کيس باهه ڏئي ساڙي زخمي ڪيو هو. ڄاڻايل واقعي کانپوءِ کيس آگسٽ مهيني ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

عدالت مان قيدي جي فرار ٿيڻ واري واقعي بعد پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فرار ٿيل قيدي جي گرفتاري بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment