Focus with Zardari
اهم خبرون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪشمير ڪارو ڏهاڙو، ريليون ڪڍي ڪشميري عوام سان ٻڌي جو اظهار

2 Min Read

ڪراچي(ويب نيوز) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪشمير ڪارو ڏهاڙو ملهايو ويو.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، شڪارپور، ٽنڊو غلام حيدر، خيرپور، مٽياري، ماتلي، ڄامشوري ۽ ٻين شهرن ۾ ڪشمير ڪارو ڏهاڙو ملهايو ويو.

ان موقعي تي ريليون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪري ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ۽ سندن حقِ خوداراديت جي حمايت ڪئي وئي.

سنڌ حڪومت پاران 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏهاڙي جي مناسبت سان صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ريليون، احتجاجي پروگرام ۽ آگاهي سرگرميون منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. حڪومت موجب، انهن سرگرمين جو مقصد ڪشمير مسئلي ڏانهن عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ آهي.

- Advertisement -

ڪراچيءَ ۾ پيپلز چورنگيءَ کان مزارِ قائد تائين ريلي ڪڍڻ ۽ مزارِ قائد تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ جو پروگرام رکيو ويو. جڏهن ته ٻين شهرن ۾ پڻ ضلعي انتظاميا، سياسي ۽ سماجي تنظيمن توڙي شهرين جي شرڪت سان سرگرميون منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

ڪشمير ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي مقررن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي آمد واري واقعي جي ياد ۾ هر سال اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

هنن ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي حمايت ڪندي عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائين.

Share This Article
Leave a Comment