Focus with Zardari
اهم خبرون

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس خيرپور ۾ مبينا ڪرپشن خلاف اينٽي ڪرپشن جي جاچ شروع، ڊي ايڇ او کان رڪارڊ طلب

2 Min Read

گمبٽ: (رپورٽ- ممتاز ميمڻ) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس خيرپور ۾ مبينا ڪرپشن، بدعنواني ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزامن تي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سکر ڊويزن انڪوائري شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کان لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.

انڪوائري آفيسر ڊي ايڇ او خيرپور کي خط لکي لاڳاپيل آفيسرن کان گهربل رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

درخواستگذار الزام هنيو آهي ته طبي سامان جي فراهميءَ جا آرڊر جاري ڪرڻ دوران مبينا طور رشوت ۽ مالي فائدا حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته ڪجهه سپلائي آرڊر جاري ڪرڻ کانپوءِ بنا ڪنهن سبب جي رد ڪيا ويا.

درخواستگذار پاران مختلف سپلائي آرڊرن جون ڪاپيون ۽ پروڪيورمينٽ آفيسر ڊاڪٽر رضوان سولنگي سان ٿيل واٽس ايپ ڳالهه ٻولهه پڻ اينٽي ڪرپشن اختيارين وٽ پيش ڪئي وئي آهي.

- Advertisement -

انڪوائري آفيسر ڊي ايڇ او خيرپور کي هدايت ڪئي آهي ته پروڪيورمينٽ آفيسر ڊاڪٽر رضوان سولنگي، اڪائونٽنٽ ۽ اسٽور انچارج کان سال 2025ع کان 2026ع تائين جون ڪوٽيشنون، خريد ڪيل طبي سامان، اسٽاڪ جي موجودگي ۽ ٻيو لاڳاپيل رڪارڊ پيش ڪرايو وڃي.

اينٽي ڪرپشن اختيارين طرفان گهربل رڪارڊ جي جاچ بعد انڪوائري مڪمل ڪري جلد رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. الزامن بابت جاچ جا حتمي نتيجا سامهون اچڻ اڃا باقي آهن.

Share This Article
Leave a Comment