ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) ڀان سيدآباد لڳ واهڙ وٽ رڪشا کي بچائيندي دادو کان حيدرآباد ويندڙ ڊوم وين ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد ريسڪيو ٽيمون پهچي زخمين کي ڀان سيدآباد اسپتال منتقل ڪري رهيون آهن، جڏهن ته وين ۾ ڦاٿل زخمين کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن موجب، حادثي ۾ جاني نقصان جا به اطلاع آهن، پر فوتگين جي اڃا تصديق نه ٿي سگهي آهي.


