ماتلي (رپورٽ: بخشڻ علي لغاري) ماتلي-ڦلڪارا روڊ تي حيدر هوٽل ڀرسان مبينا طور ٻن ڀائرن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ مهمان طور آيل 50 ورهين جو قاضي اڪبر نظاماڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 30 ورهين جو هارون نظاماڻي سخت زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي ماتلي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو مڙهه ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتي قاضي اڪبر نظاماڻي ڳوٺ ڏهون واٽر انڌاڻي جو رهواسي هو، جڏهن ته زخمي هارون نظاماڻي ماتلي جي نظاماڻي پاڙي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.
پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.


