Focus with Zardari
اهم خبرون

گمبٽ: اڳڙا ۾ چور ٽريڪٽر ٽرالي ڀري ڪڻڪ ۽ ٻيو سامان کڻي فرار

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) اڳڙا ٿاڻي جي حد پٺاڻو اسٽاپ تي نامعلوم چور ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي ڪرياني جي دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان کڻي فرار ٿي ويا. چورن تنوير تنيو جي ڪرياني جي دڪان مان قيمتي سامان، جڏهن ته پرويز شيخ جون مڻين سنڌي مرغيون، ڪڻڪ، فرجون ۽ ٻين دڪانن جو سامان ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ڀري چوري ڪري ويا.

واردات کانپوءِ متاثر واپارين ۾ سخت پريشاني ۽ ڪاوڙ پکڙجي وئي. واپارين وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment