اسلام آباد(ويب ديسڪ ) وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ باوجود حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر امڪاني واڌ روڪي ڇڏي آهي.
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ موجب ملڪ جون آئل ريفائنريون عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر مهيني لڳ ڀڳ 15 ارب رپين جو بار برداشت ڪنديون، جنهن سبب پيٽرول عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ 15 رپيا في ليٽر سستو فراهم ٿي سگهندو.
اسلام آباد ۾ اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف آئل ريفائنرين سان مشاورت ڪئي ۽ عوام کي تيل جي وڌندڙ قيمتن کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا. ريفائنرين جمعي تي پيٽرول جي قيمت ۾ متوقع 15 رپين جي واڌ برداشت ڪرڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪئي.
هن چيو ته ريفائنرين گذريل ٽن مهينن دوران پيداوار ۾ واڌ ذريعي منافعو ڪمايو هو، جنهن کانپوءِ کين ڏکئي وقت ۾ عوام جو ساٿ ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي.
اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ باوجود حڪومت عوام تي بار گهٽ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پيٽرول رليف اسڪيم تحت رجسٽرڊ منفرد صارفين جو انگ ڏيڍ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين 27 ارب رپيا رليف لاءِ مختص ڪيا ويا آهن.
پيٽروليم وزير موجب ملڪ ۾ تيل جي کوٽ ناهي ۽ نومبر جي ضرورتن لاءِ فراهمي جو بندوبست مڪمل آهي، جڏهن ته ڊسمبر ۽ جنوري جي فراهمي بابت به اڳواٽ فيصلا ڪيا ويندا.
حڪومت پيٽرول تي 114 رپيا ۽ ڊيزل تي 100 رپيا في ليٽر ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون پڻ وصول ڪري رهي آهي.
ٻئي طرف تيل جي قيمتن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي بچت وارا قدم ٻيهر لاڳو ڪيا ويا آهن، جن تحت مارڪيٽون رات 9 وڳي بند ڪرڻ ۽ سرڪاري گاڏين جي ايندھن جي فراهمي ۾ ٽن مهينن لاءِ 50 سيڪڙو گهٽتائي شامل آهي.


