جيڪب آباد (رپورٽر) ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ميان ۾ گهرن اڳيان نالي جو گندو پاڻي بيهڻ تان سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ محمد رمضان، مهرالله، عنايت الله ۽ سعدالله سومرو شامل آهن. زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مهرالله سومرو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.


