Focus with Zardari
اهم خبرون

ڪشمور: ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ خرد برد ڪيس ۾ اڳوڻو ڊي ايف سي ۽ فوڊ انسپيڪٽر گرفتار

1 Min Read

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور مان سرڪاري ڪڻڪ جي ڪروڙين رپين جي مبينا خرد برد واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻي جي عدالت اڳوڻي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ فوڊ انسپيڪٽر محمد يوسف ملڪ جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن عملدارن ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ٻنهي جوابدارن تي سرڪاري ڪڻڪ جي مبينا خرد برد ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي. ضمانتون رد ٿيڻ ۽ گرفتاري بعد ڪيس ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جو امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment