Focus with Zardari
اهم خبرون

جيڪب آباد: گهر ۾ چوري جي ڪوشش، ڳوٺاڻن ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ پڪڙي ورتو

1 Min Read

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد امين جکراڻي ۾ چوري جي ارادي سان گهر ۾ داخل ٿيل 2 ڄڻن کي ڳوٺاڻن پڪڙي ورتو.

ڳوٺاڻن جي سجاڳ ٿيڻ تي مزاحمت دوران بندوق جا ڇرا لڳڻ سبب امجد عرف قابل جکراڻي ۽ نصرالله جکراڻي زخمي ٿي پيا.

ڳوٺاڻن ٻنهي ڄڻن کي زخمي حالت ۾ پڪڙي مبينا طور مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس زخمي ٿيل ٻنهي ڄڻن کي علاج لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪري ڇڏيو، جتي سندن علاج جاري آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment