هالا (رپورٽ: عامر علي انڙ) سرهاڙي شهر جي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان سڪرنڊ روڊ تي بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين، ڪهاڙين ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي سبب شهر جي مصروف ترين روڊ تي خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
جهيڙي دوران بوسڪي بروهي، خدا بخش بروهي، رياض بروهي، قربان بروهي، صمد بروهي، قادر بخش بروهي ۽ در محمد بروهي سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي تي ضابطو آندو، جڏهن ته زخمين کي سرهاڙي جي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
زخمين مان چئن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ شهدادپور ريفر ڪيو ويو. ٻئي طرف پوليس موجب جهيڙو گهر جي گهٽي تان شروع ٿيو هو. آخري اطلاعن تائين واقعي ۾ ملوث ڪنهن به ڌر جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.


