عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن وڌن ٿا، جمعي تي فيصلو ڪنداسين: وزيراعظم

2 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تيل جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، جمعي تي قيمتن بابت ٻيهر فيصلو ڪنداسين.

وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگ بندي ۽ امن جي قيام لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون جيڪي اڃا تائين جاري آهن، جنگ جي ڪري اسان جي معاشي ترقيءَ جو سفر رڪجي ويو، پيٽروليم شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، مسئلا جبل بڻجي سامهون بيٺا آهن پر ڏکئي وقت مان سرخرو ٿي نڪرنداسين.

هن چيو ته سعودي عرب جي سهڪار سان ساڍا ٽي ارب ڊالرن جو پرڏيهي قرض لاهي ڇڏيو، بچت پاليسي جا قدم جاري رهندا.

وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندي چيو ته گذريل هفتن دوران اهم واقعا ٿيا، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ پاڪستان ڳالهين جو جيڪو ڊگهو سلسلو 11 اپريل جي رات شروع ڪرايو هو اهو 21 ڪلاڪ ڊگهو هو.

هن جو چوڻ هو ته اهو ميراٿن سيشن هو جنهن لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير همت نه هاري ۽ ڏينهن رات ڪوششون ڪيون، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار به پنهنجن هم منصبن سان مصروف رهيو، اسان جي تمام گهڻين ڪوششن سان جنگ بندي ۾ واڌ ٿي جيڪا اڃا تائين جاري آهي..

وزيراعظم  جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنگ اسان جي ٻن سالن جي گڏيل ڪوششن کي نقصان پهچايو، ان صورتحال ۾ عالمي  مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي، وڌندڙ قيمتن سبب غيرمعمولي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.


سندس چوڻ هو ته جنگ کان اڳ پاڪستان جو هڪ هفتي جو بل 30 ڪروڙ ڊالر هو جيڪو هاڻي 80 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو آهي، عالمي منڊي ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن معاشي استحڪام جي ڪوششن تي اثر وڌو آهي.

Share This Article
Leave a Comment