ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي، جنهن بعد متاثرن جو مجموعي انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي۔
تفصيل موجب سنڌ انفيڪشن ڊيزيز اسپتال ۾ 39 ورهين جي مرد مريض ۾ ايم پاڪس جي تصديق ڪئي وئي۔
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته متاثر مريض پٺاڻ ڪالوني جو رهواسي آهي ۽ کيس علاج جون سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن۔
واضح رهي ته ڪراچي ۾ هيل تائين ايم پاڪس جا 9 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جنهن بعد صحت کاتو الرٽ ٿي ويو آهي ۽ شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔


