پشاور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصا جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان واضع ڪيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو ۽ ان خلاف مهم هلائيندڙن کي رڳو ناڪامي نصيب ٿيندي.
پشاور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته سهيل آفريدي کي باني پي ٽي آئي عمران خان پاڻ وڏي وزير طور نامزد ڪيو آهي. هو صوبي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي ۽ کيس پارٽي جي مڪمل حمايت حاصل آهي.”
پارٽي اندر فارورڊ بلاڪ ٺهڻ بابت سوال جَي جواب ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪو به ‘فارورڊ بلاڪ’ موجود ناهي.
هن چيو ته جيڪي عناصر وڏي وزير خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، اهي مايوس ٿيندا ڇاڪاڻ ته پارٽي قيادت ۽ ميمبر متحد آهن.
ياد رهي ته هي بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٻه ڏينهن اڳ پي ٽي آئي جي ايم اين اي شير افضل مروت پاران سهيل آفريدي جي وڏي وزير طور چونڊ کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. بيرسٽر گوهر جي تازي بيان کي شير افضل مروت جي ان اعلان جو ردعمل قرار ڏنو پيو وڃي.


