اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي آئيني عدالت سرداري نظام جي قانوني حيثيت ۽ سرڪاري دستاويزن جي تصديق بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت قرار ڏنو آهي ته ڪو به قبائلي سردار سڃاڻپ ڪارڊ ( سي اين آءِ سي ) يا ڊوميسائل جي تصديق ڪرڻ جو قانوني اختيار نٿو رکي.
عدالت پنهنجي 12 صفحن تي مشتمل فيصلي ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سرداري نظام 1976ع ۾ ئي قانوني طور ختم ٿي چڪو آهي. قبائلي سرداري صرف هڪ علائقائي روايت آهي، جنهن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي.
جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل باقاعده قانون تحت جاري ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ رڳو مقرر ڪيل سرڪاري عملدارن کي ئي تصديق جو حق حاصل آهي.
عدالت واضح ڪيو ته ڪنهن به علائقائي روايت جي عدالتي توثيق نٿي ڪري سگهجي ۽ قانون کان هٽي ڪري ڪنهن سردار کي دستاويز تصديق ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي سگهجي.
هي فيصلو بلوچستان جي خروٽي قبيلي جي سردار غلام علي پاران بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل تي ٻڌايو ويو.
درخواست گذار جو موقف اختيار ڪيو ته سردار غلام علي جو چوڻ هو ته هو پنهنجي قبيلي جو سردار آهي ۽ قبيلي جي ماڻهن لاءِ سرڪاري دستاويزن جي تصديق ڪرائڻ تمام ڏکيو عمل آهي، جنهن ڪري کين سڃاڻپ جي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي.
عدالت اپيل کي ٻڌڻ نه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته درخواست گذار پاڻ ڪو متاثر ڌر ناهي. صرف اهو شخص عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو جيڪو ذاتي طور تي متاثر ٿيو هجي.


