تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا پاران جنگ جي خاتمي لاءِ موڪليل نئين تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، پر ان تي اڃا ڪو به حتمي فيصلو ناهي ٿيو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آمريڪي پيغام پاڪستان ذريعي مليو آهي، پر هن وقت ان جي تفصيلن تي ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو ڇو ته معاملو اڃا جائزي هيٺ آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا پاران اڪثر “غير معمولي ۽ غير منطقي مطالبا” سامهون ايندا آهن، جنهن ڪري تجويز جو جائزو وٺڻ ايترو سولو ناهي.
اسماعيل بقائي ايران جي جوهري پروگرام، خاص طور تي يورينيم کي وڌائڻ بابت گردش ڪندڙ خبرن کي رد ڪندي انهن کي محض قياس آرائي قرار ڏنو.
هن واضح ڪيو ته هن وقت ايران جي سموري توجه صرف جنگ جي مڪمل خاتمي تي آهي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جو فيصلو حالتن کي ڏسي ڪيو ويندو.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ذريعي پيغام رساني خطي ۾ جاري سفارتي ڪوششن جي نشاندهي ڪري ٿي، پر ٻنهي ملڪن ۾ موجود پراڻن اختلافن سبب ڪنهن فوري اڳڀرائي جا امڪان گهٽ نظر اچن ٿا.


