ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت پاران “معرڪہ حق” کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هيءَ سوڀ رڳو هڪ فوجي فتح ناهي پر اها پاڪستاني قوم جي ثابت قدمي ۽ خودمختياري جو تحفظ ورجائڻ جو ڏينهن آهي.
بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اتر جي پهاڙن کان وٺي سمنڊ جي ڪنارن تائين ۽ پنجاب جي ٻنين کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان جي ريگستانن تائين سڄي قوم هڪ ٿي بيٺي هئي، جنهن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان کي نه دٻائي سگهجي ٿو ۽ نه ئي جهڪائڻ ممڪن آهي.
هن هٿياربند فوج جي بهادري، نظم و ضبط ۽ وقار کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم شهيدن جي قربانين جي هميشه قرضدار رهندي، جڏهن ته مشڪل گهڙيءَ ۾ سفارتڪارن ۽ عوام جو ڪردار به انتهائي ساراهه جوڳو رهيو.
بلاول ڀٽو زرداري دشمن پاران حقيقتن کي چٿڻ ۽ پروپيگنڊا ذريعي تاريخ بدلائڻ جي ڪوششن جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته تاريخ شور سان نه پر انهن قومن جي نالي لکي ويندي آهي جيڪي ثابت قدم رهن ٿيون، ۽ پاڪستان اڄ به پنهنجي طاقت ۽ استقامت سان قائم و دائم آهي.
هن امن کي طاقت جي نشاني قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ڪڏهن به جنگ جي خواهش ناهي ڪئي، پر ضرورت پوڻ تي پنهنجي خودمختاري جو دفاع ڪرڻ بخوبي ڄاڻي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته هيءَ سوڀ اسان تي وڌيڪ ذميواري لاڳو ڪري ٿي ته اسين تعليم، صحت ۽ معاشي استحڪام ۾ سيڙپڪاري ڪري ملڪ کي ٻاهرين دٻاءُ کان محفوظ بڻايون.
بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو هن ڪاميابي جا حقيقي وارث آهن ۽ کين گهرجي ته پنهنجي جرئت کي ملڪي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪن.
تقريب ۾ فريال ٽالپر، وڏي وزير مراد علي شاهه، شرجيل انعام ميمڻ ۽ مسلح فوج جي اعليٰ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.


