سنڌ ۾ قهر جي گرمي، ڪراچي ۾ 8 فوتگيون، وڏو الرٽ جاري

2 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ ۾ سج باهه وسائڻ لڳو، قهر جـِي گرمي عوام جو بُرو حال ڪري ڇڏيو، رهيل ڪسر وري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ پوري ڪئي آهي.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي گرم ترين ڏينهن آهن، جتي پارو 44 سينٽي گريڊ تائين پهتو آهي ۽ گرمي 48 سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.

شهر جي مختلف علائقن ۾ گرميءَ جي شدت سبب 8 ماڻهو فوت ٿي ويا، ريسڪيو عملدارن موجب فوتين ۾ اڪثريت نشي جي عادي ماڻهن جي آهي.

گرمي وڌڻ سبب ڪراچي جي اسپتالن ۾ دَم سميت ٻين ساهه جي بيمارين ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

ڪراچي جا شهري سنڌ وائيس سان ڳالهائيندي حڪومتي انتظامن کي اڻپورو قرار ڏين ٿا، جڏهن ته گرمي ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ ٽريفڪ پوليس اهلڪار انتظامن مان مطمئن نظر آيو.

شهري جو چوڻ آهي ته سڄي ڏينهن ۾ 4 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي، رات جي وقت بجلي نه هئڻ برابر آهي.

هوڏانهن  سڀ کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه ۽ دادو ۾ 47 سينٽي گريڊ تي پهتو، ملڪ جي گرم ترين علائقي جيڪب آباد ۾ به گرمي جي شدت 44 سينٽي گريڊ تائين پهتي.

ماهرن موجب شهرين غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن،  ڊي هائيڊريشن کان بچڻ لاءِ پاڻي وڌيڪ پيئڻ ۽ سڌي ريت اُس کان بچڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment