انقلابي قدم، ڪوئلي تي هلندڙ بيٽري تيار

1 Min Read

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چيني سائنسدانن هڪ انقلابي ڪوئلي تي هلندڙ فيول سيل تيار ڪيو آهي، جيڪو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج کي لڳ ڀڳ ختم ڪري سگهي ٿو.

شينزن يونيورسٽي جي ماهرن پاران تيار ڪيل هن “زيرو ڪاربن ايميشن ڪول فيول سيل” (ZC-DCFC) ۾ ڪوئلي کي ساڙڻ بدران خاص طريقي سان پيهي “اينيڊ چيمبر” ۾ وڌو ويندو آهي، جتي اليڪٽرو ڪيميڪل عمل ذريعي بجلي پيدا ٿئي ٿي.

هن عمل دوران نڪرندڙ ڪاربن کي فضا ۾ ڇڏڻ بدران سسٽم اندر ئي روڪي مفيد ڪيميڪلز (سينگاس) ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو.

هي ٽيڪنالاجي 40 سيڪڙو بهتر ڪارڪردگي سان ماحول کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيڪا عالمي سطح تي ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي.

Share This Article
Leave a Comment