حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي قومي احتساب بيورو جي هدايتن تي عمل ڪندي، نان پيمنٽ جي بنياد تي بحريه ٽائون کي الاٽ ڪيل 80 ايڪڙ زمين جو معاهدو رد ڪري ڇڏيو آهي.
خابرو اداري ڊان جي رپورٽ موجب، بحريه ٽائون کي جنوري 2015 ۾ گلستان سرمست هائوسنگ اسڪيم اندر اسپتال، يونيورسٽي ۽ اسڪول جي تعمير لاءِ هيءَ زمين الاٽ ڪئي وئي هئي. نيب جي جاچ مطابق ڊيولپر پاران زمين جي مڪمل قيمت ادا نه ڪئي وئي هئي.
شروعاتي طور زمين جي قيمت 38 ڪروڙ 30 لک رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن مان بحريه ٽائون رڳو 22 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا. بعد ۾ يوٽيلٽي چارجز، ڊيولپمينٽ چارجز ۽ ڏنڊ شامل ٿيڻ کانپوءِ اها رقم وڌي 2 ارب 44 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي.
ايڇ ڊي اي جي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ڪنٽرول ڊائريڪٽر پاران 4 مئي تي جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته بار بار نوٽيسن جي باوجود رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي الاٽمينٽ رد ڪئي وئي آهي.
جيتوڻيڪ ايڇ ڊي اي بحريه ٽائون تي ڪارروائي ڪئي آهي، پر اٿارٽي پاڻ به مالي بحران جو شڪار آهي.
رپورٽن مطابق گلستان سرمست اسڪيم جا هزارين الاٽي گذريل ڪيترن ئي سالن کان پلاٽن جي قبضن لاءِ پريشان آهن.
اڳوڻي ڪمشنر حيدرآباد بلال ميمڻ جي 2024 واري رپورٽ موجب، اها اسڪيم بنا ڪنهن مالي رٿابندي ۽ ماحولياتي رپورٽ جي شروع ڪئي وئي هئي.
تقريبن 30 هزار سيڙپڪارن جا اربين رپيا هن اسڪيم ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن ته زمين جو هڪ وڏو حصو اڃا تائين قانوني طور تي ايڇ ڊي اي جي نالي منتقل ناهي ٿي سگهيو.
ايڇ ڊي اي جي نئين مقرر ٿيل ڊي جي، ڊاڪٽر افشان موجب هوءَ بورڊ آف روينيو کي ادائيگين ۽ زمين جي منتقلي بابت تفصيل گڏ ڪري رهي آهي ته جيئن معاملي کي حل ڪري سگهجي.

حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران بحريه ٽائون کي الاٽ ڪيل 80 ايڪڙ زمين جو معاهدو رد
Leave a Comment Leave a Comment

