ڏهرڪي (رپورٽ: علي رضا راجپوت) پاڪ فوج جي ڪامياب آپريشن بنيان المرصوص ۽ معرڪه حق جي شاندار ڪاميابيءَ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ايم ايڇ ايف اسڪول ۾ هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب جي صدارت مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنيل ڪوريڪا ڪئي، جنهن ۾ شاگردن، شاگردياڻين ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي اسڪولي ٻارڙن معرڪه حق جي حوالي سان مختلف ٽيبلوز، خاڪا ۽ تقريرون پيش ڪري پاڪ فوج جي بهادري ۽ وطن جي دفاع لاءِ ڏنل قربانين کي زبردست نموني ساراهيو.
تقريب کي خطاب ڪندي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنيل ڪوريڪا چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ قومي وقار جي ضامن آهي، پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي.
شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بينر کڻي پاڪستان زنده آباد جا نعرا پڻ هنيا.
تقريب جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

ڏهرڪي: ايم ايڇ ايف اسڪول ۾ معرڪه حق جي ڪاميابيءَ تي شاندار تقريب، پاڪ فوج کي سلامي
Leave a Comment Leave a Comment

