اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 92 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 414 رپيا 78 پئسا ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا واڌ کانپوءِ نئين قيمت 414 رپيا 58 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف، حڪومت پيٽروليم ليوي ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي.
پيٽرول تي ليوي 103.50 رپين مان وڌائي 117.41 رپيا، جڏهن ته ڊيزل تي ليوي 28.69 رپين مان وڌائي 42.60 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي.
نوان اگهه اڄ کان هفتي لاءِ لاڳو هوندا.

پيٽرول 14 رپيا 92 پئسا ۽ ڊيزل 15 رپيا في ليٽر مهانگو
Leave a Comment Leave a Comment

