Focus with Zardari
اهم خبرون

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ اهم معاهدي تي صحيحون

2 Min Read

ڍاڪا ( ويب نيوز ) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ منشيات جي اسمگلنگ ۽ نشي آور شين جي روڪٿام لاءِ سهڪار بابت معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، اندروني سلامتي ۽ سول هٿياربند فوجن جي تربيت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي.

 وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي گهرو وزير صلاح الدين احمد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران محسن نقوي بنگلاديشي هم منصب کي سيف سٽي منصوبي ۾ مڪمل سهڪار جي آڇ ڪئي.

ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سيڪريٽري سطح جي گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، جڏهن ته محسن نقوي پنهنجي بنگلاديشي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.

- Advertisement -

 ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اندروني سلامتي، سول هٿياربند فوجن جي تربيت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

 وفاقي گهرو وزير بنگلاديش جي پرڏيهي مامرن بابت مملڪتي وزير شمع عبيد اسلام سان پڻ ملاقات ڪئي.

 بنگلاديشي ميڊيا موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، راندين، ثقافت، عورتن جي ڪاروباري سرگرمين، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ۽ ڊجيٽل جدت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود هجڻ تي زور ڏنو ويو.

عوامي سطح تي رابطا ۽ ادارتي سهڪار وڌائڻ کي به ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو بڻائڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو۔

Share This Article
Leave a Comment