پاڪستان پاران نور خان ايئر بيس تي ايراني جهازن جي موجودگي واري خبر جي ترديد

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان نور خان ايئر بيس تي ايراني جهازن جي موجودگي بابت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ کي سختي سان رد ڪندي ان کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي بيانيي جو مقصد علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچائڻ آهي.
بيان موجب، ايران ۽ آمريڪا جا ڪجهه جهاز اسلام آباد ڳالهين جي سلسلي ۾ سفارتي عملي ۽ سيڪيورٽي ٽيمن جي اچ وڃ لاءِ پاڪستان آيا هئا.
ڪجهه جهاز ۽ سهڪاري عملو ڳالهين جي ايندڙ مرحلي کي ڏسندي پاڪستان ۾ اڃا موجود آهي.
پرڏيهي کاتي واضح ڪيو ته ايراني جهاز جنگ بندي دوران آيو هو ۽ ان جو ڪنهن به فوجي آپريشن يا هنگامي صورتحال سان ڪو واسطو ناهي، پر اهي رڳو سفارتي ۽ لاجسٽڪ ضرورتن لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment