لڪي مروت ۾ ڌماڪو، 2 پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

1 Min Read

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) لڪي مروت جي سرائي نورنگ بازار ۾ نورنگ ٿاڻي ويجهو رڪشي ۾ ٿيل زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو.
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن ڪري سرائي نورنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment