ڪوهلي کي بدنام ڪرڻ لاءِ جرمن ماڊل لِز لاز کي لالچ ڏني وئي

1 Min Read

برلن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ اسٽار وراٽ ڪوهلي پاران هڪ جرمن انفلوئنسر ۽ گلوڪارا لِز لاز جي پوسٽ لائڪ ۽ پوءِ اَن لائڪ ڪرڻ واري معاملي ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي.
جرمن عورت لِز لاز انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه صحافين ۽ ميڊيا هائوسز کيس وراٽ ڪوهلي تي ڪوڙا الزام لڳائڻ ۽ کيس بدنام ڪرڻ لاءِ وڏي رقم جي آڇ ڪئي هئي، پر هن ذاتي فائدي لاءِ ڪنهن جي ساک کي نقصان پهچائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
لِز لاز موجب وراٽ ڪوهلي سندس پسنديده ڪرڪيٽر آهي ۽ هوءَ ڪڏهن به پئسن خاطر اهڙو قدم نه کڻندي.
هن وڌيڪ چيو ته کيس تڪرار بابت ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو ۽ هوءَ ڪوهلي سان ٿيندڙ اجائي ٽرولنگ تي ساڻس همدردي رکي ٿي.
ياد رهي ته هي تڪرار 18 اپريل تي ڪوهلي پاران لِز لاز جي پوسٽ لائڪ ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿيو هو.

Share This Article
Leave a Comment