ايراني اداڪارا مندانا ڪريمي جو 16 سالن بعد ڀارت ڇڏڻ جو اعلان

1 Min Read

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس سيزن 9 سان شهرت ماڻيندڙ ايراني اداڪارا مندانا ڪريمي 16 سالن بعد ڀارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
منڊانا ڪريمي 18 سالن جي عمر ۾ ايران ڇڏي اداڪاري لاءِ ڀارت آئي هئي، جتي هن ڊگهو وقت ممبئي ۾ گذاريو ۽ شوبز انڊسٽري ۾ ڪم ڪيو.
انسٽاگرام اسٽوري تي سيشن دوران هڪ مداح جي سوال تي هن چيو ته هوءَ ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هوءَ اهڙي طرح ڀارت کي الوداع چوندي.
هن چيو ته 16 سال ڀارت ۾ گذارڻ بعد هاڻي هوءَ نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ وڃي رهي آهي.
اداڪارا واضح نه ڪيو آهي ته هوءَ ڀارت کانپوءِ ڪهڙي ملڪ منتقل ٿي رهي آهي، پر هن ان کي پنهنجي زندگي جي نئين شروعات قرار ڏنو آهي.

Share This Article
Leave a Comment