ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهر جي مختلف علائقن ۾ پيش آيل روڊ حادثن ۾ ٻن دوستن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ڊيفنس فيز 2، لائبريري جي ويجهو هڪ تيز رفتار ٽريلر موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 20 سالن جو حمزه پٽ شڪيل ۽ 22 سالن جو سمير پٽ اقبال ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته ٻئي نوجوان پي اينڊ ٽي ڪالوني جا رهائشي ۽ پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا، جيڪي قرباني جا جانور ڏسڻ لاءِ مال پڙي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويا.
ٽريلر جو ڊرائيور واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو، جڏهن ته مڙهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف اسٽيل ٽائون لنڪ روڊ تي پڻ هڪ حادثي ۾ هڪ شخص جي فوت ٿي ويو.

ڪراچي ۾ روڊ حادثا: ٻن دوستن سميت 3 ڄڻا اجل جو شڪار
Leave a Comment Leave a Comment

