پنڪي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي، طبي معائني جي رپورٽ پيش ٿيڻ جو امڪان

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بين الصوبائي منشيات گروهه جي اڳواڻ انمول عرف پنڪي کي اڄ سٽي ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي روبرو پيش ڪيو ويندو.
پوليس ذريعن موجب، پنڪي خلاف قتل، منشيات ۽ هٿيارن جا 4 مختلف ڪيس داخل آهن، جن ۾ بغدادي ٿاڻي ۾ قتل، درخشان ٿاڻي ۾ منشيات ۽ گارڊن ٿاڻي ۾ منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن جا ڪيس شامل آهن.
اڄوڪي پيشي دوران پوليس پاران جوابدار پنڪي جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي ويندي، جڏهن ته پنڪي جي طبي معائني جي رپورٽ ۽ ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ پڻ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment