اداڪارا حنا الطاف جو شوٽنگ دوران هراسان ڪرڻ بابت انڪشاف

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نالي واري اداڪارا حنا الطاف هڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران پيش آيل اڻ وڻندڙ ۽ غير محفوظ تجربي بابت انڪشاف ڪندي، عورتن کي درپيش هراسان واري معاملي تي آواز اٿاريو آهي. اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريءَ ذريعي مداحن کي ٻڌايو ته شوٽنگ سيٽ تي موجود هڪ شخص کيس غير محفوظ محسوس ڪرايو.
حنا الطاف موجب، جيئن ان شخص ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪيو ته کيس فوري اندازو ٿي ويو ته ماحول محفوظ ناهي، جنهن تي هن پاڻ کي فوري طور ان جاءِ تان ڌار ڪيو ۽ ان شخص جي رويي بابت لاڳاپيل پروڊڪشن هائوس کي رپورٽ ڪري ڇڏيو.
اداڪارا جي ان بهادري واري قدم کانپوءِ سوشل ميڊيا تي واهپيدارن پاران کيس وڏي موٽ ملي رهي آهي.
واهپيدارن پاران حنا الطاف جي همت کي ساراهيندي مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ان شخص جو نالو ظاهر ڪيو وڃي ۽ هر شعبي ۾ عورتن لاءِ محفوظ ماحول کي يقيني بڻايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment