ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) ڪراچي ۾ گرفتار مبينا منشيات فروش انمول عرف پنڪي جو ڪيس هن وقت سنڌ پوليس لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهي.
پوليس هن ڪيس کي رڳو هڪ فرد جو ڪيس نه، پر هڪ منظم ۽ امڪاني طور تي بين الصوبائي (۽ جزوي طور عالمي) منشيات نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل معاملو قرار ڏئي رهي آهي۔
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان موجب، انمول عرف پنڪي کي ڪراچي ۾ هڪ گڏيل ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليس ۽ هڪ سول انٽيليجنس اداري حصو ورتو۔ گرفتاري سندس فليٽ مان عمل ۾ آئي، جتي مبينا طور منشيات ۽ هٿيار به هٿ آيا۔
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان ٻڌايو ته پنڪيءَ جي قبضي مان لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلو ڪوڪين، نائن ايم ايم پسٽل، ڪوڪين تيار ڪرڻ وارو ڪيميڪل هٿ آيو، پوليس موجب هن ڪيس کي رڳو “پيداوار يا سپلائي” نه، پر “منظم پيداوار واري چين” سان جوڙي ٿيون۔
نيٽ ورڪ ڪيئن ڪم ڪندو هو؟
تحقيق موجب، هي نيٽ ورڪ جديد طريقي سان هلندڙ هو، 2014 کان مبينا طور منشيات جي سرگرمين جي شروعات 2018 کان ڪراچي ۾ آن لائن نيٽ ورڪ ذريعي سرگرمي ٿي، ڊليوري لاءِ رائيڊرز ۽ بعد ۾ آن ڊيمانڊ سروسز جو استعمال ڪيو ويو.
پوليس موجب 9 رائيڊرز جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، 8 پنجاب سان تعلق رکن ٿا، هڪ ڪراچي جو آهي، جڏهن رائيڊرز گرفتار ٿيڻ لڳا ته طريقو تبديل ڪري لوڪل ڊليوري سروسز استعمال ڪيا ويا
پوليس پاران جاري تفصيل موجب 20 ڪيس سنڌ ۾ داخل آهن، 3 ڪيس لاهور ۾ موجود آهن، موبائيل جي فرانزڪ ڪرائي وئي، 869 موبائيل نمبرز هٿ آيا، جن مان 132 ڪراچي جا آهن، انهن مان ڪيترائي منشيات نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل هئڻ جو شڪ آهي.
ڪراچي پوليس چيف ٻڌايو ته 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بئنڪ ٽرانزيڪشنز ٿي، اهي انگ اشارو ڪن ٿا ته جاچ ڪندڙ ادارن جي نظر ۾ هي صرف “اسٽريٽ ڊيلنگ” نه پر وڏي سطح جو نيٽ ورڪ آهي۔
پرڏيهي لنڪ جي دعويٰ ڪندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته ڪجهه آفريقي ملڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهو هن نيٽ ورڪ سان جڙيل ٿي سگهن ٿا، اهي مبينا طور لاهور ۾ موجود آهن، نيٽ ورڪ جا ڪجهه حصا لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ به سرگرم آهن.
هي دعويٰ جاچ کي بين الصوبائي کان اڳتي وڌائي ممڪن “ٽرانس نيشنل” رخ ڏئي ٿي، پر هن وقت تائين اهو پوليس جاچ جو حصو آهي، عدالتي فيصلو نه آهي،
ادارن جي شموليت جي حوالي سان ايڊيشنل آءِ جي ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ پنجاب پوليس، اينٽي نارڪوٽس فورس، ايف آءِ اي ۽ ٻيا لاڳاپل ادارن ڪري رهي اآهن،
“پنڪي” ڪيس رڳو هڪ منشيات جي گرفتاري نه سمجهيو پيو وڃي، پر ان کي اهم ان ڪري سمجهيو پيو وڃي ڇو تهآن لائن ۽ ڊجيٽل ذريعن سان منشيات جي ورڇ، رائيڊنگ ۽ ڊليوري ايپس جو مبينا استعمال، بين الصوبائي نيٽ ورڪنگ ۽ وڏي پئماني تي مالي ٽرانزيڪشن
اهي سڀ عنصر ظاهر ڪن ٿا ته منشيات جو ڪاروبار هاڻي روايتي طريقن کان نڪري وڌيڪ جديد ۽ نيٽ ورڪ بنياد بڻجي چڪو آهي۔
انمول عرف پنڪيءَ تي الزام آهي ته هوءَ روزانو لکين رپين جي منشيات وڪرو ڪندي هئي
خاص طور تي ڪوڪين جو ڪاروبار هلندو هو،سندس گراهڪ امير طبقو، شاگرد ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهو هئا.
پوليس جي دعويٰ آهي ته هن جو ڪاروبار برانڊ جي شڪل اختيار ڪري چڪو هو، جنهن کي هوءَ مختلف شهرن تائين منظم طريقي سان هلائيندي هئي۔ پنڪيءَ وٽ پنهنجو باضابطه بئنڪ اڪائونٽ نه هو، هوءَ ”بينامي اڪائونٽس“ استعمال ڪندي هئي. موبائل سمون به ٻين ماڻهن جي نالن تي جاري ڪرايل هيون. پوليس موجب، هن طريقي سان هوءَ سسٽم کان بچندي رهي ۽ پنهنجي نيٽ ورڪ سان رابطي ۾ رهندي هئي۔


