اڄ تائين ڪنهن به فلم جو مڪمل اسڪرپٽ ناهي پڙهيو: سلمان خان

1 Min Read

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي سموري فلمي ڪيريئر دوران ڪڏهن به ڪنهن فلم جو مڪمل اسڪرپٽ ناهي پڙهيو.
هڪ تازي انٽرويو ۾ سلمان خان چيو ته هن اڄ تائين ڪنهن به فلم جو مڪمل اسڪرپٽ ناهي پڙهيو، پر اسڪرپٽ لکيو ضرور آهي.
اداڪار موجب هو فلم جي ڪهاڻي جو انداز، جذبات ۽ پئسا ڪمائڻ جي صلاحيت ڏسي فيصلو ڪندو آهي، جڏهن ته مڪمل اسڪرپٽ پڙهڻ کان پاسو ڪندو آهي ته جيئن گهڻي سوچ ويچار ۾ نه پوي.
سلمان خان پنهنجي مهانگين گهڙين بابت هلندڙ ڳالهين تي به ردعمل ڏنو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن مزاحيه انداز ۾ چيو ته جيڪي گهڙيون هو پائيندو آهي، ضروري ناهي ته اهي سندس پنهنجيون هجن، ڇو ته هو اڪثر پنهنجن دوستن جون گهڙيون به پائي وٺندو آهي.

Share This Article
Leave a Comment