حيدرآباد ۾ تعليمي ادارن اندر منشيات فروشي ۾ ملوث عورت گرفتار

1 Min Read

حيدرآباد (رپورٽر) ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد جي تعليمي ادارن اندر منشيات فروشي ۾ ملوث عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وٽائنس وڏي مقدار ۾ چرس ۽ هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي.
ٽاسڪ فورس حيدرآباد جي انچارج زين رضا بلوچ جي اڳواڻي ۾ پوليس علي آباد ۾ ڪارروائي ڪندي امبرين عرف گڏي چانڊيو کي گرفتار ڪيو.
پوليس موجب گرفتار عورت وٽان 3090 گرام چرس ۽ 23.97 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي.
شروعاتي جاچ دوران گرفتار عورت تعليمي ادارن اندر منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته سندس خلاف حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي منشيات فروشي جا 6 ڪيس اڳ ئي داخل آهن.
پوليس موجب هٽڙي ٿاڻي تي عورت خلاف وڌيڪ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ چيو آهي ته معاشري کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، جڏهن ته منشيات فروشن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري رهنديون.

Share This Article
Leave a Comment