جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان مشهور واپاري عارف حبيب جي ملاقات

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پاڪستان جي مشهور بزنس مين عارف حبيب ملاقات ڪئي، جڏهن ته عارف حبيب طرفان مولانا فضل الرحمان جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو۔

ملاقات ۾ ڪراچي جي مشهور واپارين سميت وفاقي وزير قيصر شيخ، خالد تواب، عبدالصمد حبيب، حاجي عثمان غني، انجنيئر ضياءُ الرحمان، علامه راشد محمود سومرو ۽ ٻيا به موجود هئا.

ملاقات دوران ملڪ جي معاشي صورتحال، ڪاروباري ماحول ۽ سيڙپڪاري بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔

ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان جوچوڻ هو ته بدامني سبب واپاري برادري خوف جو شڪار آهي، ملڪ ۾ امن قائم ٿيندو ته سيڙپڪاري وڌندي ۽ معيشت مضبوط ٿيندي۔

مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف بدران مقامي وسيلن تي ڀاڙڻ گهرجي ۽ ملڪ جي واپارين تي اعتماد ڪيو وڃي، ڇو ته ان سان ملڪ جو قرض به لاهي سگجهي ٿي۔

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسلام معيشت جو مڪمل نظام ڏئي ٿو، جنهن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، وياجي نظام جي خاتمي سان ملڪ جي معيشت ۾ واضح بهتري اچي سگهي ٿي۔

مولانا فضل الرحمان چيو ته 2028ع تائين وياج جو خاتمو آئين بڻجي چڪو آهي، جيڪڏهن ان تي عمل نه ٿيو ته اها آئيني ڀڃڪڙي تصور ڪئي ويندي، جمعيت علماءِ اسلام هميشه واپاري برادري سان گڏ بيٺل آهي۔

Share This Article
Leave a Comment