رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ): صادق آباد ۾ سٽي ٿاڻي جي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
پوليس ترجمان موجب پوليس پارٽي ناڪابندي دوران شڪي موٽر سائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته جواب ۾ هٿياربند ڌاڙيلن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن بعد ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو.
فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ اڻڄاتل ڌاڙيل مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا، مارجي ويل ڌاڙيل وٽان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ غير قانوني هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
ترجمان موجب فرار ٿيل ساٿين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته ڊي پي او عرفان علي سمون ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي شاباش ڏني.


