ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي پي اي سي ايڇ ايس ۾ خالد بن وليد روڊ ويجهو ڦر جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي هڪ هٿياربند جوابدار گرفتاري جي خوف کان پاڻ کي گولي هڻي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي.
فيروز آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او عديلي افضل موجب، ڇنڇر جي صبح طارق روڊ ويجهو هڪ بنگلي ۾ قائم ٽريول ايجنسي جي آفيس ۾ هڪ شخص چورائيءَ ٺاهيل چاٻي جي مدد سان ڦر جي نيت سان داخل ٿيو.
بنگلي جي مالڪ کي شڪ ٿيڻ تي هن فوري طور تي مددگار 15 ۽ مقامي پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري پهچي بنگلي جو گهيرو ڪري ورتو، جنهن تي جوابدار پاڻ کي واش روم ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ گرفتاري کان بچڻ لاءِ پاڻ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي مارجي ويو.
پوليس جي شروعاتي جاچ موجب، مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ان ئي ٽريول ايجنسي جي ملازم طور ٿي آهي جيڪو گذريل 5 سالن کان اتي ڪم ڪري رهيو هو.
پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪري واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

ڪراچي ۾ ڦر ۾ ناڪامي تي جوابدار پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

