دادو ۾ نينگريءَ جي شادي ڪرائڻ جي ڪوشش ناڪام، گهوٽ ۽ پيءُ گرفتار

1 Min Read

دادو (رپورٽر) دادو شهر جي نيو ڪالونيءَ ۾ 12 سالن جي معصوم نينگريءَ جي شادي ڪرائڻ جي تياري ڪئي پئي وئي ته دادو پوليس اطلاع ملڻ تي فوري ۽ بروقت ڪارروائي ڪندي شاديءَ جي تقريب کي روڪي ڇڏيو.
پوليس ڪارروائي دوران موقعي تان گهوٽ ۽ گهوٽ جي والد کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. نينگري کي سيف هائوس منتقل ڪيو ويو.
واقعي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب ايف آءِ آر ۾ گهوٽ، ڪنوار، گهوٽ جي والد سميت نڪاح خوان ۽ شاديءَ جي شاهدن جا نالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
نامزد جوابدارن مٿان سنڌ چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ جي لاڳاپيل قلمن تحت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته باقي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment