لاڙڪاڻي ۾ صبح سوير فائرنگ، ون فائيو جو پوليس اهلڪار شهيد، ٻيو سخت زخمي

1 Min Read

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن صبح جو سوير پوليس اهلڪارن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.
گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ون فائيو (15) بيس ٽو جو پوليس اهلڪار مجيب الرحمان سولنگي موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي اهلڪار نعمت الله ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو.
شهيد اهلڪار جي مڙهه ۽ زخمي کي فوري طور تي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي اهلڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
واقعي کانپوءِ اسپتال اڳيان پوليس اهلڪارن ۽ مائٽن جي وڏي رش گڏ ٿي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment