ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سڀ کان وڏي تعليمي اداري ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ استادن پاران رهتن جي ادائگي نه ٿيڻ خلاف امتحانن جو بائيڪاٽ چوٿين هفتي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب 50 هزار شاگردن جو تعليمي مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. 5 مئي کان شروع ٿيل هن بائيڪاٽ سبب امتحان ملتوي ٿي ويا آهن، جنهن سان شاگردن ۾ سخت بيچيني ۽ مايوسي پکڙيل آهي.
شاگردن جو چوڻ آهي ته هو وقت تي فيسون ادا ڪن ٿا پر ان جي بدلي کين نه ته سٺيون سهولتون ملن ٿيون ۽ نه ئي وقت تي تعليمي سرگرميون جاري آهن.
ڪيترن ئي شاگردن شڪايت ڪئي آهي ته يونيورسٽيءَ جي فيس سٽرڪچر هاڻي خانگي يونيورسٽين جي سطح تي پهچي چڪو آهي، پر سهولتون انتها درجي جون خراب آهن.
شاگردن سنڌ جي وڏي وزير ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن بحران جو نوٽيس وٺن.
ٻئي طرف ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرز سوسائٽي (KUTS) جي صدر سيد غفران عالم جو چوڻ آهي ته شاگردن جي تڪليف جو کين احساس آهي، پر ان جي ذميوار يونيورسٽي جي ناڪارا انتظاميا آهي، جيڪا ڪيترن ئي سالن کان استادن جا جائز مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته انتظاميا کي گهرجي ته هو تعليمي خدمتون ۽ ملازمن جون پگهارون ٻئي يقيني بڻائي، پر اها ٻنهي محاذن تي ناڪام رهي آهي.
ياد رهي ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طرفان هن معاملي تي في الحال ڪو به ردعمل ناهي ڏنو ويو.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ استادن جي بائيڪاٽ سبب 50 هزار شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل
Leave a Comment Leave a Comment

