ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل اڪائونٽيبليٽي بيورو (نيب) ڪراچي ۾ غير قانوني طور تي اين او سي جاري ڪرڻ ۽ رهائشي پلاٽن توڙي ايمينٽي پلاٽن تي شادي هالن جي تعمير جو نوٽيس وٺندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
نيب پاران ايس بي سي اي چيف کي لکيل خط ۾ انهن ڀڃڪڙين، قومي خزاني کي پهتل نقصان ۽ ايس بي سي اي جي خاموشيءَ جا ڪارڻ پڇيا ويا آهن.
ان حوالي سان آل ڪراچي ميريج هال، لان اينڊ بينڪيٽ اونرز ايسوسيئيشن جي صدر رانا رئيس احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهر ۾ 200 کان وڌيڪ اهڙا شادي هالز آهن جيڪي فليٽن جي هيٺين منزلن تي ٺهيل آهن، جن ۾ نه ته فائر ايگزٽ آهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو حفاظتي انتظام.
هن انهن اڏاوتن کي موت جا کوهه قرار ڏيندي چيو ته اهي غير قانوني هالز شهرين لاءِ وڏو خطرو آهن.
ٻئي طرف، ايس بي سي اي جي ترجمان ٻڌايو ته اداري پاران شهر جي سمورن ضلعن مان غير قانوني شادي هالز جو سروي ڪيو پيو وڃي ته جيئن حتمي رپورٽ تيار ڪري لاڳاپيل ادارن سان شيئر ڪري سگهجي.
هوڏانهن شهري سماجي تنظيمن ۽ ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته رهائشي علائقن ۾ ڪمرشلائيزيشن سبب شهر جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي رهيو آهي ۽ ٽريفڪ سميت ماحولياتي مسئلا وڌي رهيا آهن.

ڪراچي ۾ غير قانوني شادي هالن خلاف نيب سرگرم، رپورٽ طلب
Leave a Comment Leave a Comment

