پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي ۽ قيمتن سبب گهر جو مالڪ بڻجڻ خواب بڻجي ويو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي اسڪول آف بزنس ليڊرشپ (KSBL) جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي، پراپرٽي جي آسمان سان ڳالهائيندڙ قيمتن ۽ بينڪن پاران قرض نه ملڻ سبب عام ماڻهوءَ لاءِ گهر خريد ڪرڻ هڪ خواب بڻجي ويو آهي.
رپورٽ موجب 2023 جي آدمشماريءَ جي حساب سان ملڪ کي هر سال 9 لک 77 هزار نون گهرن جي ضرورت آهي، پر شهرن ڏانهن تيزي سان لڏپلاڻ جي ڪري مرڪزي شهرن ۾ گهرن جي سخت کوٽ پيدا ٿي رهي آهي.
Zameen.com جي انگن اکرن موجب، ڪورونا وبا کان پوءِ اسلام آباد ۾ پراپرٽي جي قيمتن ۾ 115 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 103 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 91 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي، جنهن ڪري ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ 36 سيڪڙو آبادي ڪرائي جي گهرن ۾ رهڻ تي مجبور آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هائوسنگ ويلفيئر اسڪيمون جهڙوڪ ‘ميرا پاڪستان ميرا گهر’ ۽ ‘نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام’ پنهنجا هدف پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيستائين شهرن جي ٻاهران بهتر انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت نه ڏني ويندي، تيستائين سستن گهرن جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي.

Share This Article
Leave a Comment